زندگيءَ جا روپ انيڪ

زندگيءَ جا روپ انيڪ

زندگيءَ جا روپ انيڪ

زندگيءَ جا روپ انيڪ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب گوپي موٽواڻيءَ نالي ليکڪا جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جنهن تي ٻه اکر مشهور سنڌي اديب موتي رام. ايس رامواڻي لکيا آهن، جڏهن ته سندس ڪتاب جو مهاڳ بنيتا سامتاڻيءَ لکيو آهي. هيءُ سندس ٻيو نمبر ڪتاب آهي. گوپيءَ جي هر ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن نصيحت ۽ زماني جي گردش جي نقش سان چٽيل آهي. ليکڪه سماج جي اوڻاين، انسان جي نفسيات ۽ زندگيءَ جي حقيقت جو اونهو اڀياس ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ سندس 18 ڪهاڻيون شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 120 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي ۽ هيءُ ڪتاب آرد اپرڪاشن ممبئي مان ڇپرائي ڊسمبر 1990ع ۾ پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو